سَنڌن جو سُور

سَنڌن جو سُور (Arthritis): هي لفظ Arthritis يوناني ٻوليءَ جو آهي، جنهن جو اشتقاق آهي: Arthro = سنڌ (Joints) + It is = سور، سورڄ ۽ ساڙو (Inflammation)، جنهن کي سنڌ ۾ عام طور ’سنڌن جو وائي بادي سور‘ به چئبو آهي. بنيادي طرح هيءَ بيماري انسان جي سنڌن جي ڳنڍيندڙ اوڄن (Connective Tissues) جي تباهي ٿيندي آهي.
(الف) بيماريءَ جون ظاهري علامتون (Clinical Symptoms): سنڌن جي سور جي بيماريءَ ۾ هڪ يا هڪ کان وڌيڪ (ننڍا توڙي وڏا) سنڌ هڪ ئي وقت بيماريءَ ۾ ورتل هوندا آهن، جن ۾ هيٺيون مُک بيماريءَ جون علامتون موجود هونديون آهن.
(i) بيماريءَ هيٺ آيل سنڌن ۾ سُور سوڄ ۽ باهه (Inflammation) هوندي آهي، جيڪا هن بيماريءَ جي بنيادي علامت آهي.
(ii) بيماريءَ هيٺ آيل سنڌُ يا سنڌَ يا ان جي چمڙي گرم، ڳاڙهي ۽ (ڪن حالتن ۾) سخت ٿي پوندي آهي.
(iii) هيءَ بيماري پراڻي (Chronic) ٿي وڃي يا ان جو حملو ڀرپور هجي ته تڪليف هيٺ آيل سنڌُ/ سنڌن ۾ زوردار سور ساڻ گڏ مريض جي سنڌ/سنڌن مان قدرتي لچڪ (Flexibility) ختم ٿي ويندي آهي، جنهن جو سبب سنڌن ۾ موجود سنڌن جو قدرتي سڻڀ (Synovia) گهٽ ٺهڻ يا بلڪل نه ٺهڻ ڪري سنڌُ سخت (Stiff) ٿي ويندا آهن. تنهنڪري مريض آسانيءَ سان چرپر ڪري ناهي سگهندو.
(iv) مريض هر وقت سنڌ/سنڌن ۾ سور جي دانهن (Complaint) ڪندو آهي، جنهنڪري بيماريءَ هيٺ آيل سنڌ/سنڌن ۽ ان جي آس پاس جون مشڪون (Muscles) ڪمزور ٿي وينديون آهن.
(v) مرض جڏهن گهڻو پراڻو ٿي ويندو آهي ته مريض جا هٿ پير سور سبب يا سختيءَ سبب يا وري هٿن پيرن جي مشڪن جي ڪمزوريءَ سبب ڪم ڪار/ هلڻ گهمڻ ڦرڻ جي لائق نه رهندا آهن. مريض هٿن ۾ ڪا به شيءَ جهلي نه سگهندو آهي ۽ سڌو هلي به نه سگهندو آهي يا وري ٿاٻڙبو رهندو آهي.
(vi) مرض جڏهن پراڻو ٿئي يا بيماريءَ جو حملو ڀرپور هوندو آهي ته تڪليف هيٺ آيل سنڌُ/سنڌ،َ ڳاموڙجي سخت ٿي ويندا آهن ۽ ڪم ڪار لائق ناهن رهندا، خاص ڪري هٿن، گوڏن ۽ پيرن جي مُرَن/ ۽ کڙين تي وڏو اثر ٿيندو آهي. انهن ۾ چرپر ۾ ڏکيائي ٿيندي آهي يا وري چرپر جي لائق نه رهندا آهن. نتيجي طور ڪڏهن مريض بستري ڀيڙو ٿي ويندو آهي.
(vii) مريض هر وقت ٿڪل (Tired)، سست، ڪاهل ۽ نستو (Prostrate) ٿي ويندو آهي.
(viii) مريض جو وزن (Weight) گهٽجي ويندو آهي.
(ix) سُور ۽ سَنڌن ۾ ڇڪ/آڪڙ جي ڪري مريض جي ننڊ ڦٽي
(Insominia) ويندي آهي.
(ب) بيماريءَ جا قسم، سبب ۽ علامتون (Types, Causes Clinical Symptoms): ٻه سَؤ کن اهڙيون بيماريون آهن، جن جي ڪري سنڌن جي ڳنڍيندڙ اوڄن (Connective Tissues) ۾ تباهي ايندي آهي، نتيجي طور سنڌن جي هيءَ بيماري ٿيندي آهي. سنڌن جي سور جا لڳ ڀڳ سؤ کن قسم ٿين ٿا، جن مان ڪجهه مکيه سندن سببن سميت هيٺ ڏجن ٿا:
(1) Acute Arthritis: هن قسم جو سنڌن جو سور، ڪنهن روڳي بيماريءَ (Infective Disease) سبب يا ڌڪ لڳڻ يا حادثي ۾ زخمي ٿيڻ (Traumatic Injury) ڪري ٿيندو آهي، ڇو ته سنڌن جي وچ يا چؤطرف ڪرٽڻا هڏا (Cartilages) ڦاٽي/ڏري پوندا آهن، جنهنڪري تڪليف هيٺ آيل سنڌن جي چوڌاري سور ۽ سوڄ (ساڙي Inflammation) ساڻ گڏ چمڙي ڳارهي ۽ گرم ٿي پوندي آهي.
(2) Acute Gouty Arthritis: هن قسم جو سنڌن جو سُور رت ۾ يوُرڪ ائسڊ (Uric Acid) وڌي وڃڻ ڪري ننڍن سنڌن خاص ڪري هٿن جي آڱرين جي سنڌن (گُرين) ۽ پيرن جي مُرَن/کڙين جي سنڌن (هڏن) ۾ سور ٿيندو آهي، جنهنڪري ٿن جون آڱريون (خاص ڪري صبح جي وقت) آڪڙجي ۽ سڄي پونديون آهن. پيرن جي کڙين ۾ سور جسبب مريض پٽ تي پير کوڙي نه سگهندو آهي ۽ منڊڪائي هلندو آهي. هن قسم جو سنڌن جو سور جڏهن پراڻو ٿيندو آهي ته سنڌن جي هڏن ۾ تباهي ايندي آهي (سنڌن جا هڏا ڀُري پوندا آهن) ان کانسواءِ يورڪ ائسڊ وڌي وڃڻ ڪري بُڪين (Kidneys) کي به نقصان پهچندو آهي، ۽ انهن ۾ يوريٽس (Urates) جون پٿريون ٺهنديون آهن.
(3) Acute Rhevmatic Arthritis: هن قسم جي سنڌن جو سور ۽ سوڄ، سنڌن جي گهڻين تڪليفن ۽ بخار (Fever) سان گڏ ٿيندو آهي.
(4) Bacterial Arthritis: هن قسم جي سنڌن جو سور ڪيترن قسمن جي روڳي جيوڙن جهڙوڪ: (i) Streptococcus aureus، (ii) Streptococus Pyogens، (iii) Streptococcus Pneumonae ۽ (iv) Neisseria Gonorrhoeae ذريعي جهلين Synovial Membranes)) ۾ داخل ٿي گند پيدا ڪرڻ کانپوءِ ٿيندو آهي. هن قسم جي سنڌن جي سور کي Pyoarthritis, Septic Arthritis ۽ Suppurative Arthritis به چئبو آهي.
(5) Chronic villous arthritis: هن قسم جو سنڌن جو سور سنڌن جي سڻڀ پيدا ڪندڙ جهلين/ پردن (Synovial Membrances) ۾ ريشيدار غير طبعي واڌ (Villous Out Growth) سبب ٿيندو آهي. هن ريشيدار غير طبعي واڌ سبب سنڌن ۾ خشڪي (Dryness) پيدا ٿيندي آهي، تنهنڪري سنڌ آسانيءَ سان مُڙي نه سگهندا آهن ۽ انهن کي موڙڻ/ ورائڻ وقت سور سان گڏ ٺڪاءَ ۽ تڙڪاٽن جو آواز نڪرندو آهي. سنڌن جي خشڪيءَ جي هن ڪيفيت کي ‘Dry Joints’ چئبو آهي.
(6) Gonococcal Arthritis: هن قسم جو سنڌن جو سور پرميل (گنوريا) جي بيماريءَ ڪري ٿيندو آهي، جنهنڪري مريض جي سنڌن ۾ سور ساڻ گڏ چمڙيءَ تي ڳاڙها نشان (Erythematous) ٿي پوندا آهن. هن قسم جي سنڌن جي سور کي Gonorrheal Arthritic پڻ چئبو آهي.
(7) Hemophilic Arthritis: هن قسم جو سنڌن جو سُور سنڌن جي جوڙ/ خال (Cavity) ۾ رت ڀرجي وڃڻ ڪري ٿيندو آهي.
(8) Juvenile Arthritis: هن قسم جو سنڌن جو سُور اڪثر ٻارن کي ٿيندو آهي. هن مرض ۾ هڪ يا هڪ کان وڌيڪ سنڌ تڪليف ۾ ورتل هوندا آهن، تنهنڪري سنڌن ۾ سوڄ، ڏوکو ۽ سهپ کان وڌيڪ سور ٿيندو آهي، جنهن سان مريض کي بخار به ٿيندو آهي. هن بيماريءَ جي اثر ڪري (خاص ڪري ان وقت جڏهن مرض ڪُهنو/پراڻو ٿي وڃي ته ٻار جي واڌ ويجهه Growth هڪ هنڌ بيهي ويندي آهي ۽ ٻار ڄامڙا
(Dwarfish) ٿي ويندا آهن. هن جون علامتون هيٺيون آهن:
(i) ٻار جي منهن ۽ سڄي بدن تي هيڪڙ ٻيڪڙ ڳاڙها رپڙ (Rashes) ٿيندا آهن، (II) مريض (ٻارَ) جي تري ۽ جيرو وڌي ويندا آهن، (III) ٻارَ جون ڪَليون ۽ لُعابي غدود وڌي ويندا آهن ۽ (IV) ٻارَ ۾ رت جي گهٽتائي (Anaemia) ٿي ويندي آهي.
(9) Lupus Arthritis: چمڙيءَ جي سلهه جي ڪيترين بيمارين، جهڙوڪ: (LE) Lupus Erythematosus جي بيماريءَ ۾ سنڌن جي سور سان گڏ مهڙ ۾، منهن، نڪ ۽ ڳلن تي ڳاڙهي رنگ جا رپڙ ٿيندا آهن، جن جي مٿان ڇلر (Scales) ڄمندا آهن. اڳتي هلي جڏهن هيءَ بيماري ڪُهني ٿيندي آهي ته مريض جي بُڪين، دماغ، دل ۽ ڦڦڙن کي نقصان پهچائي ناقص ڪري وجهندي آهي.
(10) Menopausal Arthritis: هن قسم جو سنڌن جو سور عورتن کي تڏهن ٿيندو آهي، جڏهن اهي پنهنجي عمر جي ان حصي ۾ پهچنديون آهن، جڏهن سندن حيض (ماهواريءَ) جو سلسلو هميشه بند ٿي ويندو آهي، جنهنڪري ٻيجڻيون (Overies) مادري ٻيجو (Egg Cell/Ovum) ٺاهڻ بند ڪري ڇڏينديون آهن (عورت ٻار ڄڻڻ لائق نه رهندي آهي. هن عورت جي عمر 45 سالن کان 55 سالن جي وچ ۾ هوندي آهي). حيض نه اچڻ ڪري عورتن کي ننڍن سنڌن (آگرين جي سنڌن، ڪرائي، پير جي مُرَن ۽ کڙين ۾)، چيلهه، ڪلهن، ٺونٺين ۽ گوڏن جي سَنڌن ۾ سُور ٿيندو آهي. نه رڳو ايترو، پر جن عورتن کي جوانيءَ کان وٺي دائمي حيض بند ٿيڻ تائين وچ واري عرصي دوران جيڪڏهن حيض کُليءَ طرح نه اچي، دٻجي وڃي يا ان ۾ ڪا خرابي ٿئي ته انهن عورتن ۾ سنڌن جي سُور جون اهي سڀ تڪليفون ٿي پونديون آهن، جيڪي مٿي بيان ڪيون ويون آهن. جيڪڏهن حيض جي تڪليف ۾ ورتل عورتن جو خاطر خواه علاج نه ٿيندو ته اهي عورتون سڄي سڄي عمر زنانين بيمارين سان گڏ سَنڌن جي سُور ۾ گذارينديون آهن.
(11) Mutilans Arthritis: هن قسم جي سنڌن جو سور سنڌن ۾ موجود ڪُرٽڻن هڏن (Cartilages) ۾ تباهيءَ (Destru Ction) جي ڪري ٿيندو آهي.
(12) Osteo Arthritis: هن قسم جي سور هر قسم جي سنڌن جي سورن ۾ وڌ کان وڌ ٿئي ٿو. هن سُور ۾ اڪثر وڏا سنڌ جهڙوڪ: پٺيءَ جو ڪنڊو (ڪرنگهو Spine) ٻنڊڻ ۽ گوڏا بيماريءَ ۾ وٺبا آهن. يعني جن سنڌن تي جسم جو وزن هوندو آهي. سي متاثر ٿيندا آهن. اهو ئي سبب آهي ته هن بيماريءَ کي Weight Bearing Joints Disease چوندا آهن. پٺيءَ جي ڪنڊي ۾ جڏهن هن بيماريءَ سبب سُور پوندو آهي ته اهو يا ته ڪنڌ وارن سَنڌ جي مهرن Cervical Vertebrae وٽ يا وري چيلهه جي مُهرن Lumbar Vertebrae ۾ ٿيندو آهي. ڪنڌ جي سنڌن ۾ سور ڪري ٻانهون ساڻيون ٿي پونديون آهن، جڏهن ته چيلهه جي مُهرن ۾ سُور پوڻ ڪري ٽنگون ساڻيون ۽ ڪمزور ٿي وينديون آهن. جيڪڏهن بيماري چوٽ چڙهي ويندي آهي ته پوءِ ننڍن سنڌن ڏي به سور وڌندو آهي، جنهنڪري مريض جا ڪلها، هٿن جون آڱريون، سنڌ، ڪرايون، ٺونٺيون، پيرن جا مُريا ۽ کڙين جا سنڌ سور ۾ وٺجي ويندا آهن. هن قسم جو سنڌن جو سُور اڌوهيءَ ۽ ان کان مٿي يا وڏيءَ عمر ۾ ٿيندو آهي. مردن جي مقابلي ۾ عورتن کي وڌيڪ (عدد ۾) ٿيندو آهي.
(I) سنڌن ۾ سُور سوڄ (ساڙو Inflammation) هوندي آهي.
(II) سور واري سنڌ جي چمڙي ڳاڙهي ۽ گرم محسوس ٿيندي آهي. بيماريءَ جي زور سبب سنڌ کي هٿ لائبو ته باهه وانگي ٻرندو.
(III) بيماريءَ هيٺ آيل سنڌ مان ٽڙڪاٽ (ٺڪاءَ) نڪرندا آهن.
(IV) گهمڻ ڦرڻ کانپوءِ ويهڻ يا سمهڻ تي بيماريءَ هيٺ آيل سنڌ آڪڙ جي (Ankylosis) سخت ٿي ويندا آهن.
(V) ٿوري يا گهڻي ڪم ڪار ڪرڻ تي، هلڻ گهمڻ ۽ جهڪڻ تي سور وارن سنڌن، خاص ڪري ڪرنگهي ۽ چيلهه ۾ سور وڌي ويندو آهي.
بيماري جا سبب (Aetiology): بنيادي طرح هيءَ سنڌن جي ڳنڍيندڙ اوڄن ۾ تباهيءَ جي ڪري ٿيندي آهي، پر ان سان گڏ ٻيا به هيٺيان سبب آهن، جيڪي هن قسم جي سنڌن جي سور جا سبب بڻجن ٿا:
(I) سنڌن جي وچ ۾ يا سندن چؤطرف ڪُرٽڻن هڏن (Cartilages) جي ڦاٽي پوڻ، ڳري پوڻ (Necrosis) يا ڌڪ لڳڻ ڪري سَنڌ ڦٽجي پون
(Traumatic Injury) سان ڪرٽڻن هڏن ۾ بگاڙ ٿي پوي.
(II) ٻن سامهون وارن سنڌن جي ڪرٽڻن هڏن ۾ تباهي/بگاڙ اچڻ ڪري سنڌ هڪ ٻئي ۾ گسندا آهن (جيئن ڍڪڻيءَ/گوڏن جا هڏا هڪ ٻئي ۾ گسندا آهن) ته اهڙي حالت ۾ سنڌن ۾ سور سان گڏ سنڌن مان ٽڙڪاٽ (ٺڪاءَ) نڪرندا آهن.
(III) ڪنهن ڌڪ لڳڻ ڪري سنڌ ڀڄي/ٽٽي پون ۽ سنڌن جا ڀڳل حصا هڪ ٻئي ۾ اندر هليي وڃڻ ڪري سنڌن ۾ سور ٿئي ٿو.
(IV) پيريءَ سبب يا هڏن ۾ ڪمزوريءَ جي ڪري سنڌن جا منهن وارا حصا (هڏا) ڀرڻ سان سنڌن ۾ سُور ٿيندو آهي.
ان کانسواءِ دماغي ڪم ڪرڻ لاءِ گهڻي ويهڪ ڪرڻ ڪري ماڻهون پُٺي جي ڪنڊي/چيلهه جي سنڌن جي سور ۾ وٺجي ويندا آهن. هن قسم جي سنڌن جي سور کي Degenrative Arthritis به چئبو آهي.
(13) Psoriatic Arthritis: هن قسم جو سنڌن جو سور چمڙيءَ جي مهلڪ بيماري سورياسس (Psoriasis) جي ڪري ٿيندو آهي. سورياسس جي سمورن قسمن ۾ جيڪڏهن وڏن سنڌن ۾ سور نه هوندو آهي ته به ننڍن سنڌن ۾ ضرور سور ٿيندو آهي.
(14) Rhevmatic Arthritic: هن قسم جي سنڌن جو سور سڀ کان وڌيڪ ٻئي نمبر تي ٿيندو آهي. هي سنڌن جو سور تڏهن ٿيندو آهي، جڏهن ماڻهوءَ جو خود قدرتي بچاءَ وارو نظام (Immune System) سندس سنڌن جي ڳنڍيندڙ اوڄن (Connective Tissues) تي حملو ڪري سنڌن جي سڻڀي استر پردن Synovial Linings ۾ سور ۽ سوڄ
In Flamation ڪري وجهندو آهي. سنڌن جي هيءَ بيماري ننڍن سنڌن ۾ ٿيندي آهي ۽ ويهن سالن جي عمر ۽ ان کان مٿي ٿيندي آهي.
بيماري ٿيڻ سبب Aetiology: سنڌن جي هيءَ بيماري خود ماڻهو جي قدرتي بچاءَ جي نظام پاران سندس سنڌن جي ڳنڍيندڙ اوڄن تي حملو ڪري سنڌن ۾ موجود سڻڀي استر/پردي کي ناقص بڻائي ڇڏيندو آهي تنهن ڪري سنڌن ۾ موجود سڻڀ (Synovia) ٺهڻ گهٽ يا بند ٿي ويندو آهي. جنهن جي ڪري سنڌن ۾ خشڪي (Dryness) ٿيندي آهي، نتيجي طور سَنڌ آڪڙجي (Ankylosis) سخت ٿي پوندا آهن مريض سنڌن جي سُور ۾ وٺجي ويندو آهي ۽ گهمڻ ڦرڻ کان لاچار ٿي ويندو آهي.
بيماريءَ جون علامتون Clinical Systoms:
(I) هن قسم جو سنڌن جو سور سدائين ننڍن سَنڌن ۾ پوندو آهي، جيئن هٿن جي آڱرين جا سنڌ، ڪرائي، ٺونٺ، ڍڪڻي (گوڏا)، مُريا/کڙين جا سنڌ وغيره.
(II) هن قسم جو سنڌن جو سور صبح جي وقت سنڌن ۾ آڪڙ ساڻ پوندو آهي، جيڪو ٿڌ تي اڃا به وڌي ويندو آهي.
(III) سنڌن ۾ سور، سختي (آڪڙ) سوڄ، ڳاڙهاڻ ۽ باهه ٿي پوندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن سنڌن ۾ ايتري باهه هوندي آهي، جو مريض کي ته محسوس ٿيندي آهي، پر ٻئي ماڻهوءَ کي به هٿ لائڻ سان محسوس ٿيندي آهي.
(IV) مرض پراڻو ٿي وڃي ته سنڌن جي شڪل ۽ بيهڪ (Structure) ڦري ويندي آهي، تنهنڪري عام رواجي چرپر ۾ به ڏکيائي ٿيندي آهي.
(15) Tuberculosis Arthritis: هن قسم جو سنڌن جو سُور خاص ڪري هڏن جي سلهه ۾ ان وقت ٿيندو آهي جڏهن سلهه جي بيماري پراڻي ٿي مريض جي هڏن ۾ گهر ڪري ويندي آهي ۽ هڏن ۾ ڳاراڻو ٿيندو آهي. جڏهن تڪليف هيٺ آيل هڏي ۾ سُور وڌي ويندو آهي ته اهو سور هڏن جي سنڌن ۾ پوندو آهي.
(ٻ) بيماريءَ جي تشخيص (Diagnosis): هن بيماريءَ جي تشخيص بيماريءَ جي ظاهري علامتن مان ٿيندي آهي، ان هوندي به مختلف ٽيسٽن، ايڪسري ۽ تابڪاري ٽيسٽن Radiological Tests مان بيماري جي اضافي ڄاڻ ملندي آهي. هتي صرف ٻن قسمن جي سنڌن جي سور جي قسمن جي سڃاڻپ لاءِ مثال ڏجي ٿو:
(1) Osteo Arthritis: هن قسم جو سنڌن جو سور وڏن سنڌن ڪرنگهي (پٺيءَ جي ڪنڊي Spine) ٻنڍڻن ۽ ڪڏهن ڪڏهن بيماري وڌي وڃڻ تي هٿن جي آڱرين جي سنڌن ۾ به پوندو آهي. ليبارٽري ٽيسٽ مطابق E.S.R نارمل هوندي آهي ۽ تابڪاري شعاعن جي ٽيسٽ مطابق تڪليف هيٺ آيل سنڌن جي پاڻ ۾ وڇوٽي (Space) سوڙهي
(Narrow) هوندي آهي.
(2) Rheumatic Arthritic: هن قسم جي سنڌن جو سور ننڍن سنڌن، هٿن پيرن جي آڱرين جي سنڌن، ڪرائين، ٺونٺن، مرين ۽ کڙين جي سنڌن ۾ پوندو آهي. ليبارٽري ٽيسٽ مطابق E.S.R وڌيل هوندي آهي ۽ مريض کي رت جي گهٽتائي Anaemia هوندي آهي، جڏهن ته تابڪاري شعاعن جي ٽيسٽ مطابق تڪليف هيٺ آيل سَنڌن جي پاڻ ۾ وڇوٽي سوڙهي (گهٽ) هوندي آهي ۽ هڏن جون چوٽيون (منهن) کاٻي
(Erosion) وينديون آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو